ڀت جبل

ڀت جبل

ڀت جبل

ڀت جبل: ڀت جبل ۽ بڊو جبل کير ٿر جبل جون ڇاڙهون آهن. ڀت ڇاڙهه سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪري ٿي. نئنگ ڳوٺ ڀت جبل جي دامن ۾ آهي. ڪائيءَ جي ماٿري به هن علائقي ۾ آهي. ڪائيءَ ۾ هزارين سال اڳ انساني دور جون هٿن سان ٺهيل ست غارون موجود آهن. هن حصي کي ڀت ان ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جو اهو قدرتي طرح سڌو ۽ اڀڪپرو آهي ۽ ڀت وانگر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن جي اتاهين ۾ اتاهين چوٽي 2700 فوٽن کان ٿورو مٿي ٿيندي. هي جبل ويهارو ميل سڌو ڏکڻ ۾ وڃي کيرٿر سان ملي ٿو. نئن نئينگ، ڀت جبل ۽ بڊي جبل جي وچان ڏکڻ اوڀر کان وهي اچي ٿي. جڏهن ته نئن انگائي ڀت جبل جا ڪيترا ئي ور وڪڙ ڪاٽي منڇر ۾ پوي ٿي. ڀت جبل واري ماٿريءَ ۾ گرمين ۾ سخت گرمي ۽ سردين ۾ سخت سيءَ پون ٿا. هتي زندگيءَ جون عام سهولتون به موجود نه آهن. ڀت ماٿريءَ ۽ ان جي آسپاس هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
ڪوٽ ٻاروچو، ميرل مري، جھنگل مري، ڳهڙاچو، سولنگي، ڳوٺ ملاح، ٻٻر مالو، سردار محمد خان نوحاڻي، ڪائي، گل بيگ نوحاڻي، نار شهر، موريو بڙدي، آچر نوحاڻي، نئينگ، بگا شير، حاجي خان سيراس، ڳوٺ يعقوب، ڳوٺ خميسو نگھوال، راڄو مري، حاجي رسول بخش مري، محمد گائنچو، حاجي جان محمد، يار محمد رند، مينگل رند، ميرڻ گائينچو، صادق اميد علي خان ٻڍو، حاجي ڦتو، الهجڙيو ڇٽو، ڳراٽو، گوزباڻي، حسنائي گبول، باگو مري، باجارا وغيره.
هن ماٿريءَ ۾ بنيادي طور نوحاڻين، مرين، ڇُٽن، گبولن، ۽ سهتاڻين جي گھڻائي رهي آهي، جيڪي اڳ ۾ لاڏائو قبيلا هئا. پر نوحاڻين جي مستقل آباديءَ سبب ٻيا قبيلا به مستقل ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن. ڪائي چشمي تي ڪافي زمينون آباد ٿين ٿيون. اهو چشمو قدرتي طور زمين مان ڦٽي نڪري ٿو، جنهن تي ٻنهي پاسي ڀتيون ڏئي پاڻي محفوظ ڪيو ويو آهي. هتان جي عام ماڻهن جو ڌنڌو پِيش مان تڏا، تونئريون ۽ واڻ ٺاهڻ آهي. رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ ڌارڻ به سندس ڪرت آهي. هن سڄي ماٿريءَ ۾ محمد خان نوحاڻي نالي وارو مهمانواز مڙس آهي.
هونئن ته هي جابلو علائقو صرف ڪائي ۽ نئينگ جي چشمن ڪري ڪي قدر سر سبز ۽ آباد آهي، پر هتان جيڪا معدني دولت ملي آهي، ان جو ڪاٿو ئي ڪونهي، تيل ۽ گئس جا وڏا وڏا ذخيرا ڀت ماٿريءَ مان لڌا آهن. ڀت ماٿري اٽڪل 1100 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. لاسمو آئل اينڊ گئس ڪمپني (يو.ڪي) ڀت ۽ بڊي جبل تي 1993ع کان 2004ع جي وچ ۾ تيل ۽ گيس ڳولڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. 2001ع ۾ لاسمو جي هڪ شاخ اني (Eni) اتي ڪيترائي پيٽرول ۽ گئس جا ذخيرا ڳولي لڌا آهن ۽ اڃا ڳولي رهيا آهن. مقامي ماڻهن کي روڊن، رستن، تعليم ۽ صحت جي ڪجهه سهولت ٿي آهي. ڪجهه غير سرڪاري تنظيمون به ڀلائيءَ جي ڪم ۾ رڌل آهن. ڀت گيس فيلڊ ۾ ڪيتريون اڏاوتون آهن.
لاسمو ڪمپنيءَ کي ڀت ۽ بڊي جبل جي 23025 چورس ڪلوميٽرن ۾ کوهن کوٽڻ ۽ گيس ڳولڻ جو ڪم ڏنل آهي. 1999ع ۾ ڀت جبل تي پيٽرول جو هڪ ڪامياب کوهه کوٽيو ويو هو. 2003ع ۾ ۽ 2008ع ۾ هن ڪمپنيءَ ويهن ڪلوميٽرن جي اندر ڪيترائي تيل ۽ گيس جا کوهه کوٽي ناڻو ڪمايو آهي.


لفظ ڀت جبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو